بشير احمد قريشي

بشير احمد قريشي: سنڌ جي برک تعليمي ماهر، قانوندان ۽ ليکڪ پروفيسر بشير احمد قريشي 10 جولائي 1932ع تي حيدرآباد شهر ۾ جنم ورتو. پروفيسر بشير احمد پنهنجي ابتدائي تعليم حيدرآباد مان مئٽرڪ، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان انٽر، بي. اي، ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر- رليجن - مسلم هسٽري) سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. پروفيسر بشير احمد شروع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ون حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو. جلد ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪئي ۽ بعد ۾ وڪيل طور ڪم ڪرڻ لڳو، جولاءِ 1992ع کان ٻيهر واپس تعليم کاتي ڏانهن منسلڪ ٿيو ۽ بطور ليڪچرار مسلم سائنس ڪاليج، ان کانپوءِ هالا ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو ۽ پوءِ سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. بشير احمد قريشي سچل ڪاليج ۾ پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪيو ۽ ان وچ ۾ پاڻ (O.S.D) آفيسر آف اسـپـيشل ڊيوٽي ڪاليج ڊائريڪٽورٽ ۾ ڪم ڪيائين. بشير احمد قريشي مختلف ڪتاب لکيا. جيڪي مختلف موضوعن تي آهن، جن ۾: تاريخ، اسلاميات، سنڌي، سياسيات، سيرت، سائنس، جاگرافي ۽ اصول فقه شامل آهن، جڏهن ته سندس لکيل ڪتابن ۾ انگريزي ڪتابن جا ترجما پڻ شامل آهن. پروفيسر بشير احمد جا ڪتاب مختلف ڪلاسن ۾ پڙهايا ويندا آهن ۽ هن ضلعي تعليم جون تاريخون، دنيا جي جاگرافي کان علاوه سماجي اڀياس، سنڌي گرامر ، مضمون نويسي جا ڪتاب پڻ تحرير ڪيا. پروفيسر بشير احمد جا مضمون مختلف ڪاليجن جي مخرنن ۾ به ڇپيل آهن. هن 5 فيبروري 2001ع تي وفات ڪئي.


لفظ بشير احمد قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.07.10  عيسوي

بشير احمد قريشي 10 جولائي 1932ع تي حيدرآباد شهر ۾ جنم ورتو


2001.02.05  عيسوي

بشير احمد قريشي 5 فيبروري 2001ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بدر سميجو
انيس انصاري
ڄام ڪرارالدين
عبدالله سومرو عاصم
خواجه بهاءُ الدين
جان شير خان
عبدالرحيم ڪلهوڙو ميان
دارا شڪوه 1
ڀلوُ
راڻو روپاڙسنگهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون